خواب ۽ انهن جو تعبير

خواب ۽ انهن جو تعبير

خواب ۽ انهن جو تعبير

خواب ۽ انهن جو تعبير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب خوابن جي تعبير بابت مشهور عالم امام ابن سيرين جي مختلف ڪتابن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو ترجمو پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ ڪيو آهي. ڪتاب ۾ 60 باب آهن، ۽ هر باب جي آخر ۾ شيخ عبدالغني نابلسيءَ جي ڪتاب ’تعيطر الانام في تعبير المنام‘ ۽ خليل ابن شاهين ظاهريءَ جي ڪتاب ’الاشارات علم العبادت‘ مان ٻه چونڊ تعبير به ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ’اشارات‘ جو آخري باب ’عجيب ۽ اڻلڀ خواب‘ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. 330 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب 2001ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو